عبدالمالڪ خشڪ

عبدالمالڪ خشڪ: شهيد عبدالمالڪ خشڪ 20 جون 1964ع تي تعلقي گهوڙاٻاري، ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ درويش ۾ محمد عيسيٰ خشڪ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس جنم هڪ سياسي گهر ۾ ٿيو. سندس وڏا ڀائر عارف خشڪ ۽ عمر خشڪ، ايوبي مارشل لا ۽ ون يونٽ خلاف سياسي طرح سرگرم رهيا هئا. هو تعليمي ميدان ۾ پنهنجي عمر جي دوستن ۾ سڀ کان اڳرو هو. هن پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽر ٺٽي مان ڪئي. پنجين ڪلاس جو ‘ذهانت وارو امتحان’ پوري ضلعي ۾ پهرين نمبرن۾ پاس ڪيائين. چوٿين درجي ۾ پڙهڻ دوران پهريون دفعو 4 مارچ جي هڪ ننڍڙي جلسي جي قيادت ڪيائين ۽ تقرير ڪيائين، ان مان سندس سياسي سجاڳيءَ جي ڄاڻ پوي ٿي. جڏهن شيرين سومرو وارو مشهور واقعو ٿيو، جنهن ۾ هڪ فوجي ميجر هڪ نياڻيءَ جي عزت سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ٺٽي مان هن ننڍڙي جوڌي هڪ جلوس ڪڍيو. وقت جي سرڪار کيس بس جي اغوا ڪيس ۾ ريسٽيڪيٽ ڪرائي کيس جيل موڪليو. ان وقت مالڪ خشڪ جي عمر 14 سال هئي ۽ هو هاءِ اسڪول ٺٽي ۾ اٺين ڪلاس جو شاگرد هو. مالڪ جڏهن نوجوانيءَ ۾ پير پاتو ته سندس ٻه ڀائر ڊاڪٽر غلام نبي خشڪ ۽ عارف خشڪ جيل ۾ هئا. عارف خشڪ کي ملٽري ڪورٽ پاران هڪ سال جيل ۽ 5 ڦٽڪا سزا ملي هئي. جڏهن ته سندس ٻيو ڀاءُ غلام نبي خشڪ ٽي سال جيل ۾ رهيو. کيس به 20 ڦٽڪن جي سزا ملي هئي. مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪري ٺٽي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. ڪاليج جي ٻن سالن جي مختصر تعليمي عرصي دوران کيس ٻه دفعا جيل اُماڻيو ويو. هن جو پسنديده ڪتاب ‘چي گويرا جي ڊائري’ هو. ڪاليج کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڄامشوري ۾ داخلا ورتائين، جتي نئين عزم سان سياسي جدوجهد شروع ڪيائين. هي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي نظرياتي ۽ اڳواڻن ۾ ڳڻيو ويندو هو. 17 آڪٽوبر 1984ع تي جڏهن سنڌي شاگرد بسن ۾ سوار ٿي لاڙڪاڻي ۾ جشن لطيف ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ضيائي آمريت جي ڪارندن مانجهند کان اوريان ٽوڙهي ڦاٽڪ تي شاگردن جي بسن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ چار نوجوان شهيد ٿيا، انهن مان هڪ عبدالمالڪ خشڪ هو. پاڻ انجنيئرنگ جي ٻئي سال جو شاگرد هو.


لفظ عبدالمالڪ خشڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.06.20  عيسوي

عبدالمالڪ خشڪ 20 جون 1964ع تي تعلقي گهوڙاٻاري، ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ درويش ۾ محمد عيسيٰ خشڪ جي گهر ۾ جنم ورتو.


1984.10.17  عيسوي

شهيد عبدالمالڪ خشڪ 17 آڪٽوبر 1984ع تي جڏهن سنڌي شاگرد بسن ۾ سوار ٿي لاڙڪاڻي ۾ جشن لطيف ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ضيائي آمريت جي ڪارندن مانجهند کان اوريان ٽوڙهي ڦاٽڪ تي شاگردن جي بسن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ چار نوجوان شهيد ٿياانهن مان هڪ عبدالمالڪ خشڪ هو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالقادر ملڪاڻي
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
پاربرهم فقير
سلطانه صديقي
بدر ابڙو
بن سومار
ديوان واڌومل اُڌارام
محمد اسلم ڀوتاڻي
امير ابڙو
رئيساڻي اسلم خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون